اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ??ه ترقيءَ جي شرح ۾ مستق?? بهتري نه اچڻ تي گهٽ آم??ني وارن ملڪن مان صرف ڇهه 2050ع تائين وچولي درجي جي آم??ني وارن ملڪن جي درجي تي پهچي سگهندا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي گلوبل اڪنامڪ پراسپيڪٽس رپورٽ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي. عالمي بئنڪ موجب ايندڙ 25 سال دنيا جي 26 غريب ترين ملڪن لاءِ وچولي درجي جي آم??ني تائين پهچڻ جي حوالي سان فيصلائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، انهن ملڪن ۾ سراسري ڏهاڙي آم??ني 2.15 ڊالرن کان گهٽ آهي ۽ هي ??نتهائي غربت جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جو مرڪز آهن. تڪرارن، انساني بحرانن ۽ پائيدار گهٽ ترقيءَ سبب انهن ملڪن ۾ اؤسر جي شرح جمود جو شڪار آهي. 21هين صديءَ جي شروعات ۾ عالمي بئنڪ 63 ملڪن جي گهٽ آم??ني طور درجابندي ڪئي هئي، جن مان 39 ملڪ هاڻي وچولي درجي وارا آم??ني وارا ملڪ بڻجي چڪا آهن، جن جي في ڪس سالياني آم??ني 2023ع تائين 1145 ڊالر کان وڌيڪ هئي. باقي ملڪن ۾ اؤسر جمود جو شڪار آهي. انهن ملڪن جي في ڪس سالياني مجموعي قومي پيداوار ۾ گذريل 15 سالن ۾ سالياني سراسري 0.1 سيڪڙو کان گهٽ شرح سان وڌي آهي. عالمي بئنڪ مطابق جيڪڏهن ترقيءَ جي شرح ۾ مستق?? بهتري نه آئي ته گهٽ آم??ني وارن ملڪن مان صرف 6 2050ع تائين وچولي درجي جي آم??ني وارن ملڪن شامل ٿي سگهندا. عالمي بئنڪ جي چيف اڪانومسٽ ۽ ترقياتي معاشيات بابت سينيئر نائب صدر اندرمت گل ٻُڌايو ته ايندڙ 25 سالن ۾ غريب ترين ملڪن لاءِ ترقي ۽ اؤسر جو هڪ اهم موقعو آهي، عالمي برادري، ترقياتي ڀائيوارن کي به ان حوالي سان پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته گذريل 15 سالن ۾ انهن ملڪن جي في ڪس آم??ني ۾ عملي طور تي ڪابه واڌ نه ٿي آهي. پر اوڀر، ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ??ه ٿوري پرڏيهي مدد ۽ بهتر ملڪي پاليسي سان جنگ ۽ عدم اتحڪام جا شڪار ملڪ به پائيدار اقتصادي ترقيءَ لاءِ حالتون پيدا ٿي سگهنديون.