اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرم ضل??ي ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي فائرنگ ۾ ق??متي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چ??و ته معصوم مسافرن تي حملو انتهائي بزدلاڻو ۽ انسانيت سوز عمل آهي. هن چيو ته معصوم شهرين تي حملي جي ذميوارن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي. صدر واقعي ۾ ق??متي جاني نقصان تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي ماڻهن کي وقت سر طبي امداد جي فراهمي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي پڻ دعا ڪئي.