اسلام آباد- 19 نومبر (اي پ?? پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر عل??ئقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌ رهندي جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني عل??ئقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ سموگ/ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر عل??ئقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو عل??ئقن ۾ ٿڌ رهي. پنجاب جا اڪثر عل??ئقا سموگ/ ڪوهيڙي هيٺ رهيا. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 08، اسڪردو ۾ ڪاٽو 05، استور ۾ ڪاٽو 04?? گوپس ۾ ڪاٽو 03 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.