دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۽ سڄي دنيا ۾ هندو برادري کي دل جي گهراين سان ڏياريءَ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اُميد آهي ته روشنين جو هي ڏڻ سڀني جي لاءِ خوشي، امن ۽ خ??شحالي آڻيندو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڏياريءَ جي خوشي جي موق??ي تي پاڪس??ان ۽ سڄي دنيا ۾ هندو برادري کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته روشنين جو هي ڏڻ سڀني جي لاءِ امن ۽ خ??شحالي آڻي. وزيراعظم چيو ته اچو اسان گڏجي اتحاد ??ان جشن ملهايون ۽ انهن رشتن کي مضبوط ڪندا رهون جيڪي اسان جي قوم کي مضبوط بڻائين ٿا.