اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ص??ر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ص??ر مملڪت خوارج دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ فتن الخوارج جي مڪمل خاتم?? تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ص??ر مملڪت چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.