اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان ا??ڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سندس دوري دوران ساڻس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاران ايڪس تي پاڪستان پهچڻ ۽ نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين پاران ا??تق??ال جي ??صو??رن سان گڏ ڪيل پوسٽ جي جواب ۾ کيس مخاطب ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان جي دوري سان امن، خوشحالي ۽ علائقائي ترقي جي اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. وزيراعظم چيو اچو ته گڏجي پاڪستان ۽ ملائيشيا جو م??تق??ل روشن ڪريون.