اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي معاملي ڪميشن مسلسل لچڪ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا ويا آهن ته هو پنهنجون آئيني گهرجون پوريون ??ري تنهن ه??ندي به ان سستي ۽ دير جي سموري ذميواري لاڳاپيل پارٽي تي لاڳو ٿئي ٿي، اليڪشن ڪميشن ان معاملي کي قانوني طور تي حل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ تازي انٽرا پارٽي چونڊ 3 مارچ 2024ع تي ڪرائي، ان انٽرا پارٽي چونڊ ۾ به ڪيتريون ئي خاميون ه??ون جنهن سبب اليڪشن ڪميشن ان کي 23 اپريل تي نوٽيس موڪليو، ان ڪيس جي پهرين ٻ??ڻي 30 اپريل 2024ع تي ٿي، ترجمان چيو ته اپريل کان وٺي آڪٽوبر 2024ع تائين ان ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، پر انهن ٻڌڻين مان پنج ڀيرا ان پارٽي وڌيڪ وقت گهريو ۽ اڄ جي ٻ??ڻي سميت هر ڀيري ٻِ??ڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع ج?? سيڪشن 208 ۽ 209 تحت سمورين سياسي پارٽين تي لازمي آهي ته هو پنهنجي پارٽي آئين موجب پنج سالن اندر انٽرا پارٽي چونڊون ??رائين. پي ٽي آءِ کي 13 جون 2021ع تي پنهنجون انٽرا پارٽي چونڊون ??رائڻيون ه??ون پر مقرر وقت تائين اهي چونڊون نه ڪرايون ويون، اليڪشن ڪميشن آخرڪار 27 جولاءِ 2021ع تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس جي جواب ۾ پارٽي طرفان هڪ سال جي توسيع جي درخواست ڪئي وئي جنهن ۾ ڪووڊ -19 جي صورتحال کي جواز بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن پارٽي کي 13 جون 2022ع تائين جي مهلت ڏيندي اها درخواست قبول ڪئي. هنن جون 2022ع ۾ فارم 65 تحت انٽرا پارٽي چونڊن جا دستاويز جمع ڪرايا ج??ڪي اڻ پورا هئا. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪيترائي ڀيرا يادگيري ڪرائي ۽ وڌيڪ دستاويز طلب ڪيا، پر پارٽي طرفان دير جو سلسلو جاري رهيو، اليڪشن ڪميشن طرفان ان معاملي تي باقاعدگي سان ٻڌڻيون ??يون ويون.