نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 79هون ساليانو اجلاس شروع ٿي ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دنيا جو ڌيان غزه ۾ جاري ظلمن طرف ڇڪرايو. هن چيو ته غزه ۾ بنا رڪاوٽ بمباري هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آهي، فلسطينين جي خلاف گڏيل سزا بنا جواز آهي. انتونيو گوتريس چيو ته ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافي جي ڪري هاڻي لبنان به جنگ جي ويجهو آهي، لبنان کي هڪ ٻيو غزه نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته سزا ??ان ڇوٽ ۽ اڻبرابري جا رجحان دنيا جي لاءِ وڌندڙ خطرو آهي. دنيا ۾ سزا ??ان ڇوٽ جو رجحان سياسي ۽ ا??لاقي لحاظ ??ان ناقابل برداشت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ گڏيل قد?? کڻي ۽ ٻه رياستي حل کي ڪاميا?? بڻائي.