اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستاني رانديگر عامر خا?? کي ٿائيلينڊ ۾ ٿيندڙ ستين تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته راندين جي ميدان ۾ نوجوانن جي صلاحيت?? کي نکارڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر تائيڪوانڊو جي مقابلي ۾ شاندار ڪا??ڪر??گي تي عامر خا?? کي ساراهيو. هن چيو ته عامر خان شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو ر??شن ڪيو آهي. صدر اميد ظآهر ڪئي ته عامر خان مستقبل ۾ به بهتر ڪا??ڪر??گي جو مظاهرو ڪندو رهندو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، پاڪستان ۾ مختلف راندين تي ڌيان ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري عامر خان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.