سرينگر-02 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ته جيئن عا??مي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قابض آهي ۽ ڪشميري گ??يل ق??من طرفان تسليم ٿيل حق خود اراديت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عا??م بٽ ۽ سينئر اڳواڻ شبير احمد شاهه نئين دهلي ۾ بدنام زمانا تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغامن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت خ??م ڪري ڪشميرين جي سڃاڻپ تي هڪ سخت حملو ڪيو. ٻين حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن به 5 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن طرف عا??مي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ سومر ڏينهن احتجاجي مظاهرا ڪن. حريت قيادت واضح ڪيو ته مودي حڪومت ڄمون ڪشمير جي تڪراري خطي جي خصوصي حيثيت خ??م ڪري ڪشمير بابت گڏيل ق??من جي قراردادن سان گڏوگڏ عا??مي قانونن، اصولن ۽ ضابطن جي به سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هنن چيو ته آزا??ي پسند ڪشميرين مودي حڪومت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن.