اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تهران ۾ حماس پوليٽيڪل بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه تي حملي کي عالمي قانونن کي پير?? هيٺان لتاڙڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سميت پوري دنيا ان دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ??ئي آهي، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشي?? ۽ ??باهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا آهن، اها صورتحال ترقي يافته قومن جي لاءِ پڻ هڪ چئلينج آهي. هو فلسطين جي صورتحال بابت اتحادي پارلياماني پارٽين جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ رت جي هوليءَ کيڏي پئي وڃي، گذريل 9 مهينن کا?? هيستائين ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪيا ويا آهن، اسپتالن کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ روزانو غزه ۾ لاش ڪيرايا پيا وڃن، شهرن جا شهر ۽ پاڙن کان پاڙا زمين بوس ڪيا ويا ۽ روزانو ٽيليويزن تي اهڙا دل ڌوڏيندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا جو تاريخ ۾ اهڙي طرح جا واقعا شايد ئي ڪڏهن ڪنهن ڏٺا هجن. وزيراعظم چيو ته ڪالهه تهران ۾ جيڪو واقعو ٿيو آئون سمجهان ٿو ته پوري دنيا ان جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ??ئي آهي، ايران جي علائقائي حدن جي خلاف ورزي ڪندي راڪيٽ جي حملي ذريعي اسماعيل هانيه کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان عالمي قانونن کي پير?? هيٺان لتاڙيو ويو، ڪنهن شيءَ جو لحاظ نه ڪيو ويو ۽ اسماعيل هانيه جنهن جا ٻار ۽ پوٽا به اڳ ۾ شهيد ڪيا ويا، هاڻي کيس شهيد ڪيو ويو، اهڙي قسم جي سفاڪي جو مثال نٿو ملي، پاڪستان سميت ترڪيه، چين، روس، ملائيشيا ۽ قطر پاران ان واقعي جي پرزور مذمت ??ئي وئي، ان واقعي تي پوري دنيا روئڻهارڪي آهي، اهڙي قسم جي وحشيت تي دنيا جيڪڏهن خاموش رهي ته اهو فڪر جو لمحو آهي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي تي اسان کي قوم جو آواز بڻجي ان جي عڪاسي ڪرڻي آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي جيتري مذمت ??ئي وڃي گهٽ هوندي، عالمي ادارن غزه جي صورتحال تي جيڪي قراردادون منظور ڪيون آهن، اسرائيل پاران ان جون ڌڄيون ا??اي??ن ويون. هن انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته انصاف جي عالمي عدالت اسرائيلي ڏاڍ کي نسل ڪشيءَ قرار ڏنو آهي ۽ ان جي مذمت ??ئي آهي، ان جي باوجود اسرائيل جا هٿ نه روڪيا ويا، نيتن ياهو ۽ اسرائيلي فوج کلي عام وحشي?? ۽ ??باهي برپا ڪرڻ تي لهي آيا آهن، اها صورتحال ترقي يافته قومن جي لاءِ پڻ هڪ چئلينج آهي ته ڪهڙي طرح ان کي منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته آئرلينڊ ۽ اسپين جا ٿورائتا آهيون جن ان مسئلي کي اٿاريو ۽ ٻه رياستي حل جي حمايت ??ئي آهي، مون آئرلينڊ جي وزيراعظم کي ٽيليفون ڪري ان جا ٿورا مڃيا.