اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئ?? آهي ته هو عماني عملدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪيو ??ڃي. پرڏيهي وزارت پاران مسقط، عمان ۾ دهشتگرد حملي جي تازه ترين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظ??ار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشتگرد حملي ۽ مسلمانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئ?? آهي. نائب وزيراعظم عمان ۾ پاڪستان جي سفير عمران علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئ?? آهي. سفير عمران علي نائب وزيراعظم کي مسقط ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي گذريل رات جي حملي بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سفير کي هدايت ڪئ?? ته هو عماني عمدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪري. هن هدايت ڪئ?? ته عمان جي اس??تا??ن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ڀلائي جو پڻ خيال رکيو ??ڃي.