اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري چيو آهي ته ڪڻڪ جي مناسب قيمت، وقت سر قدمن ۽ ??ري??اري جو عمل هموار بڻائڻ ضروري آهي، آبادگارن جي حوصلا افزائي سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسب قيمت، بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏي??و پيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي ??رداري جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ??ري??اري سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزارت ۽ پاسڪو جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي ??رداري چيو ته آبادگارن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علا??قن ۾ رهي ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسبقيمت جي فراهمي سان ڳوٺاڻي معيشت کي فروغ ملندو. هن چيو ته غذائي تحفظ، مستقبل جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻا پوندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي جديد سهولتن جي تعمير جي لاءِ نجي شعبي کي آسان قرض ڏنا وڃن، وقت سر پاليسي قدمن، مستقبل جي ضرورتن جي صحيح اڳڪٿي جي لاءِ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي دستيابي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صدر پاران زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز پن پيش ڪئي وئي.