شينزن – 05 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مح??د اسحاق ڊار چيو ته روانگي واپار ۾ اضافي سميت ٻين اهم قدمن جي لاءِ ڪوششو ڪري رهيا آهيون، پاڪست??ن ۾ 10 ٽريلين ڊالر جي معدني وسيلن جو ڪاٿو آهي، پاڪست??ن ۾ آءِ ٽي، زراعت، معدني وسيلن سميت مختلف شعبن ۾ بي ??نا??ه موقعا آهن. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مح??د اسحاق ڊار چيو ته سيڙپڪاري جي سهولت ڪ??ئو??سل ڪاروباري شعبي ۽ سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خساري ۾ هلندڙ 84 سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي غور جاري آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مح??د اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو اقتصادي ترقي جي حوالي سان بهتر ٽريڪ رڪارڊ رهيو آهي، ڪجهه سال اڳ تائين پاڪستان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، ناڻي واڌ 2 سيڪڙو، سي پي آءِ 9 سيڪڙو کان گهٽ، جي ڊي پي واڌويجهه 6 سيڪڙو هئي بدقسمتي سان سياسي عدم استحڪام، حڪومت جي تبديلي، ڪوويڊ سميت ٻين مسئلن جي ڪري ??ن ۾ مشڪلاتون آيون.