ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 10 ارب ڊالر جي رقم مختص ڪ??ي ڇڏي. اماراتي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات پاران سيڙپڪاري جي لاءِ 10 ارب ڊالر جي رقم مختص ڪ??ڻ جو اعلان وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهي??ن جي وچ ۾ ابوظهبي ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو. گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي لاءِ رقم مختص ڪ??ڻ جو اعلان پاڪست??ن جي معيشت جي استحڪام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪيو.