اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نيشنل لائبريري آف پاڪستان کي ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو ويو. صدر ڪتاب نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت ورثي ڊويزن جي نمائندن کي ڏنا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان موقعي تي قوم ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪل??ر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پنهنجي 5 سالا دور ۾ نوجوانن جي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪندو آيو آهيان. صدر چيو ته لائبريريون ماڻهن جي علم تائين ??هچ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ٿيون، شاگرد ملڪ ۾ موجود لائبريرين جي سهولتن مان ڀرپور فائدو ک??ن. صدر چيو ته لائبريريون علم جي فروغ سان گڏ نئين خيالن جي مٽاسٽا ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، لائبريرين جي سه??لت سان هر عمر جا ماڻهو فائدو ک??ي سگهن ٿا.