اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? وف??قي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف وزي??اع??م هائوس اچڻ تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته چار ئي صوبا وفاق جون اڪائيون آهن، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزي??اع??م کي خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزي??اع??م چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خيبرپختونخواهه جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان کي گڏجي ويهي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، اسان جي سمورين گڏيل ڪوششن ۾ عوامي ڀلائي اولين ترجيح هوندي. وزي??اع??م چيو ت?? وف??قي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پڻ ان عزم جو اظهار ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت سٺي نيت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وف??قي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وف??قي وزير احسن اقبال ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وف??قي وزير امير مقام ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.