اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، واپار، د??اع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان خيرسگالي ملاقات ڪئي. سفير وزير??عظ?? کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيه جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزير??عظ?? ٻيهر چونڊجڻ جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران مبارڪباد واري ٽيليفون ڪال ۽ مبارڪباد جي پيغام کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مثالي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. وزير??عظ?? چيو ته ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ڌرين کي واپار، د??اع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ هن ڪان ففٿ جنريشن جي ويڙهاڪ جهاز جي ڪامياب اڏام تي ترڪيه کي مبارڪباد ڏني. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي ??ي مسلسل حمايت ڪئي ??هي ۽ مستقبل ۾ پڻ ??ند?? رهندا. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف صدر اردوان جي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ان دوري جي منتظر آهي جيڪو ٻنهي ڌرين کي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي ستين اجلاس دوران وسيع مشاورت ڪرڻ جو هڪ مفيد موقعو فراهم ڪندو.