اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) 19 رڪني نئين وف??قي ڪابينا ??لف کڻي ورتو. ??لف برداري جي تقريب ايوان صدر ?? ٿي. صدر آصف علي زرداري نئين وف??قي ڪابينا جي ميمبرن کان هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ ??لف ورتو. وف??قي ڪابينا جي ??لف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن سميت اسلام آباد ۾ مقرر غيرملڪي سفارتڪارن، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اه?? شخصيتن شرڪت ڪئي. وف??قي ڪابينا ۾ 19 وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي. جن ۾ خواجه محمد آصف، محمد اسحاق ڊار، عطاءُ الله تارڙ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، سيد محسن نقوي، شيزه فاطمه خواجه، ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ، رياض پيرزاده، احد چيما، اويس لغاري، چوڌري سالڪ حسين ۽ محمد اورنگزيب شامل آهن.