اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي. آئيسڪو حاجي اختر رحيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪري غيرمنصفاڻي طور تي بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ اضافي ڊيمانڊ نوٽي?? جاري ڪي?? هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب حاجي اختر رحيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ آئيسڪو کي درخواست ڏني هئي، شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل سامان جي قيمت سميت 305656 رپين جو ڊيمانڊ نوٽي?? جاري ڪي?? ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪشن لڳائڻ بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪري اضافي ڊيمانڊ نوٽي?? جاري ڪي?? ويو. شهري ڊيمانڊ نوٽيس واپس وٺڻ جي لاءِ آئيسڪو سان رجوع ڪي?? پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري شڪايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪي??، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آئيسڪو محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي. ??يس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ صدر آئيسڪو کي رقم واپسي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آئيسڪو 30 ڏينهن جي اندر بجلي ڪنيڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طريقيڪار جي خلاف ورزي ڪئي، آئيسڪو 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪشن لڳائڻ جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن جي دير ٿي، آئيسڪو شڪايت ڪندڙ کي اضافي ڊيمانڊ نوٽيس موڪليو، جڏهن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪري چڪو هو. هن چيو ته آئيسڪو صارفين کي خدمتن جي فراهمي جي خلاف ورزي ڪئي، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ نوٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪري ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ نوٽيس نه ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني طور تي پائيدار آهي. صدر آئيسڪو جي درخواست کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.