ڊيووس – 16 – جنوري (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ??طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ معصوم فلسطينين خاص طور تي ??ارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ل??نان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳو??ڻن پاڪستان لبنان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳو??ڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳو??ڻن معصوم فلسطينين خاص طور تي ??ارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.