اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته باباءِ قوم جي ڏنل بنيادي اصولن ۾ ئي ترقي جو راز لڪل آهي، قائداعظم سدائين قانون جي حڪمراني ۽ پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکندو هو، سندس تعليم تي عمل ڪري ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، اسان جي مشڪل??تن جو حل به جمهوريت، ڳالهين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پ??لي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن جي ٻارن جي وچ ۾ قائد جي ڏهاڙي تي منعقد تقريري مقا??لي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ موجود هئي. مرتضيٰ سولنگي قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي سان اسڪولن جي ٻارن جي تقريرن کي ساراهيندي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ڪري هي ملڪ ٺهيو، اڄ اسان ان جي ڪري ئي هتي موجود آهيون. هن چيو ته تاريخ ڏسون ته قائداعظم جي ڪيترين ئي تعليم تي اسان عمل نه ڪيو پر اڄ به اسان کي يقين آهي ته قائداعظم جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري ئي اسان ??شڪل??تن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح سدائين قانون جي حڪمراني تي يقين رکيو، قانون تي عمل ڪندي پرامن طريقي سان اختلاف ڪرڻ محمد علي جناح جي سياست جو بنيادي اصول هو. هن چيو ته اڄ جي سياست ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان اختلاف آهن پر قانونن تي عملدرآمد جي ذريعي بهتري جو امڪان ??وجود هوندو آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي آئين ساز اسيم??لي جي تقرير اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم سدائين پرامن سياسي جدوجهد ۽ جمهوريت تي يقين رکندو هو. هن چيو ته اڄ مشڪل مسئلن جو حل رڳو پرامن سياسي جدوجهد سان ئي نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 76 سالا تاريخ مان اسان اهو ئي سکيو آهي ته هي ملڪ هڪ مضبوط وفاقي جمهوريت سان ئي اڳتي هلي سگهي ٿو، اسان جو آئين وفاقي جمهوريت تي ٻڌل آهي ۽ انهي ۾ مشڪل??تن جو حل موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. موجوده نگران حڪومت به آئين جي آرٽيڪل 224 جي پيداوار آهي، خميس 8 فيبروري 2024ع تي جڏهن چونڊون ٿينديون ته هي ملڪ پنهنجي منزل طرف روان دوان ??يندو. هن چيو ته اسان جي مشڪل??تن جو حل جمهوريت، ڳالهين، قانون جي حڪمراني آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريري مقا??لي جي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. تقريري مقا??لي ۾ فيڊرل ائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن مان 10 شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو جن قائداعظم جي 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي قائد جي فڪر ۽ نظرين تي روشني وڌي. تقريري مقا??لي جو عنوان ”موجوده دور جا مسئلا ۽ قائداعظم جو پيغام“ هو. تقريب ۾ بهترين تقرير تي پهرين پوزيشن اسلام آباد ماڊل ڪاليج جي نائين فور جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ايمن فرحان، ٻي پوزيشن اسلام آباد درڪالا جي ماڊل اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي سُندس فاروق جڏهن ته ٽئين پوزيشن اسلام آباد ماڊل اسڪول همڪ جي ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي فيروزه بي بي حاصل ڪئي. تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پ??لي ڪيشنز پاران ??ائداعظم جي سياسي جدوجهد جي حوالي سان ??ڪ دستاويزي فلم ۽ ڊائريڪٽوريٽ پاران ??اهيل ملي نغمو پڻ پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.