اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصر، عمان، بوسنيا، سريلنڪا ۽ قبرص ??ان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه مصر، سلطنت عمان، بوسنيا وهرزيگووينا، جمهوريه قبرص ۽ سريلنڪا جي نامزد ??فيرن/ هاءِ ڪمشنر ??ان ڳالهائيندي ڪيو. سفارتڪارن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ مصر جي نامزد ??فير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحامد حسن جي آجيان ڪندي صدر مصر ??ان ??ان ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافتي وابست??ي ۽ قدرن تي ٻڌل رشتن مان ظاهر ٿين ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري، اقتصا??ي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر غزه ۾ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان بيگناهه ماڻهن جي قتل ۽ عوامي ملڪيتن کي ٿيندڙ وڏي نقصان تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحامد حسن ٻڌايو ته مصر غزه جي لاءِ انساني امداد جي حمايت ڪري رهيو آهي. سلطنت عمان جي نامزد ??فير فهد سليمان خلف الخروسي ??ان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا ??هن. هن ٻڌايو ته پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جوڙي آهي جيڪا پاڪستان جي آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو آپ??يشن فراهم ڪري ٿي. صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. سفير سلطان پاران پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. بوسنيا وهرزيگوينا جي نامزد ??فير ايمن ڪوهوڊاريوچ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان بوسنيا وهرزيگوينا ??ان ڀائيچاري ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل پنهنجي دوستي کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي زبردست گنجائش موجود آهي. سفير چيو ته هو سياسي، اقتصا??ي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. سريلنڪا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گونارتني ??ان ڳالهائيندي صدر چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا گذريل 7 ڏهاڪن ۾ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن سياسي ۽ ثقافتي سطح تي دورن جي مٽاسٽا کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اعتراف ڪيو ته سريلنڪا پهريون ملڪ آهي جنهن پاڪستان ??ان آزاداڻي واپار جو معاهدو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. جمهوريه قبرص جي نامزد ??فير اينڊرياس پي ڪوزوپس ??ان ڳالهه ٻولهه دوران صدر چيو ته پاڪستان قبرص کي هڪ اهم دوست سمجهي ٿو ۽ قبرص ??ان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. هن يورپي يونين جي ڏس ۾ جمهوريه قبرص جي پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. صدر غزه ۾ پيش ايندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم ماڻهن کي قتل ڪري سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ??هن. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان ??ان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.