اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي گهرڀاتين سان ٽيليفون?? رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غريوم، اتر وزيرستان ۾ 20 نومبر تي شهيد ٿيندڙ سپاهي شاهزيب جي وارثن سان ٽيليفون?? رابطو ڪيو. صدر جي 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد سه??ل جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر جي پسني، بلوچستان ۾ 3 نومبر تي شهيد ٿيندڙ لانس حولدار باسط عمران جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر شهي??ن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهي??ن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهي??ن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، صبر جم??ل جي دعا ڪئي.