اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اق?? و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي 5 هزار رپين جي نوٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران و??اق?? و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنج هزار جو نوٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿيو هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گدش هيٺ آهن جن جي ماليت 4525 ارب رپيا آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جيڪو به ڪرنسي نوٽ جاري ڪري ٿي يا پوءِ ختم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هو??دو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ??ڪو??ت جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو ويو هو، اهو بنيادي اقتصادي پاليسي جو معاملو آهي، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران ??ڪو??ت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته مناسب ٿيندو، ??يڪ??هن اهو معاملو بحث هيٺ آ??دو وڃي ته ناڻي واري نگران و??اق?? و??ير ان جو جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيشن جي وقت نظر آيا هئا. ان کان اڳ رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو نوٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 5 هزار رپين جو نوٽ جمع ڪرائيندڙن جو رڪارڊ پڻ جوڙڻ گهرجي.