اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان ??ڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان ??دد ورتي ويندي، برطانيا سان ??يڊيا جي شعبن ۾ تع??ون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن، نفرت انگيز بيانن، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن جي خاتمي، ميڊيا جي شعبي ۾ تع??ون جي فروغ ۽ يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پ??وگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان برطانيا سان ??اڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، برطانيا سان ??يڊيا جي شعبي ۾ تع??ون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پ??وگرام سان غلط معلومات ۽ نفرت انگيز بيانن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملندي. اهو پروجيڪٽ آن لائين اسپيس تي غلط ۽ نفرت انگيز بيانن جي نشاندهي ڪندڙ اهم سرڪاري ادارن ۽ اهلڪارن جي علم، صلاحيت ۽ هنر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. نگران ??فاقي وزير چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان ??ڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان ??دد ورتي ويندي. ان ڏس ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي اهم ڪردار ادا ڪندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نفرت انگيز بيانن ۽ غلط معلومات جي حوالي سان آگاهي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويندا. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تع??ون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اطلاعات واري وزير برطانوي پوليٽيڪل قونصلر کي ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان سرگرمين بابت آگاهه ڪندي چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي. برطانوي پوليٽيڪل قونصلر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تع??ون جو يقين ڏياريو.