باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تر??يه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري ر??ڻ تي اتفاق ڪيو. هنن اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سمورن بنيادي مسئلن تي ثابت قدم حمايت جو ??رجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزيرن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تع??يم، ثقافت، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.