اسلام آباد-05 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نوجوان ذهنن کي ذ??يو??ر ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، اسان جو عزم آهي ته هر ٻار عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪري. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن ??يو ته هن پُرمسرت موقعي تي آئون پنهنجي استادن جي دل سان واکاڻ ڪريان ٿو جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن ??يو ته نوجوان ذهنن کي ذ??يو??ر ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ اوهان جو ڪردار قدر جوڳو آهي، هن ??يو ته اسان تعليمي نظام ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، هڪ منصفاڻو ۽ جامع نظام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان کي پنهنجي شاگردن کي گلوبل ۽ ڊجيٽل دن??ا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ گهربل مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته سمورن استادن کي جديد ترين تدريسي طريقن سان بااختيار بڻائڻ لاءِ مسلسل پيشيوراڻي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ايندڙ نسل جي پرورش ۾ اوهان جي لگن واکاڻ جوڳي آهي.