اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ انشورن?? ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ي??نائيٽيڊ انشورن?? ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي انشورنس جي رقم تي منافعو ڪمايو، انشورن?? ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري امتياز اح??د پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي انشورنس پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسجي وڃڻ تي انشورن?? ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز اح??د پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ کان ??نڪار ڪري ڇڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان ??جوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف انشورن?? ڪمپني صدر کي اپيل ڪئي. صدر انشورن?? ڪمپني جي اپيل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته انشورن?? ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.