اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت جي ڪا به سياسي ايجنڊا يا سياسي مينڊيٽ ناهي، قانون واري وزارت جي وضاحت کانپوءِ صدر مملڪت جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل ابهام ختم ٿي ويو آهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي سندس عهدو مان جو گهرجائو آهي، ڪو توقع نه ڪري ته ا??ان صدر جي مان خلاف ڳالهائينداسين، قانوني ۽ آئيني ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نگران حڪومت آئين اندر رهندي جواب ڏيندي، ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوشش کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار هن قانون واري نگران ??فاقي وزير احمد عرفان اسلم ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي ??ي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به موجود هو. سڌ سماءَ واري نگران ??فاقي وزير چيو ته صدر مملڪت عارف علوي پنهنجي ذاتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ??ارليامينٽ طرف ٻن بلن بابت ٽوئيٽ ڪيو جنهن سبب ابهام واري صورتحال پيدا ٿي پر ڪنهن به قسم جي ڪا ڀونچال نه آئي، صورتحال واضح آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته قانوني نڪتن جي وضاحت ڪئي وڃي، قانون واري وزارت صدر جي ٽوئيٽ جي حوالي ??ان وضاحت جاري ڪئي جنهن کانپوءِ ابهام ختم ٿي چڪو آهي، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سڌ سماءَ واري نگران ??فاقي وزير چيو ته صدر مملڪت جي آئيني عهدي تي رهڻ جي خواهش يا منشا جي خبر ناهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي ان ??اءِ تمام گهڻي عزت آهي ڪو به توقع نه ڪري ته ا??ان صدر جي تعظيم خلاف ڳالهائينداسين، مرتضيٰ سولنگي چيو ته ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوششن کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ادارا موجود آهن، شهرين جي حقن جي فراهمي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پورو نظام موجود آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته مفروضن تي نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهه ڪنداسين. صدر جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل صورتحال جي وضاحت ٿي چڪي آهي، قانون واري وزارت ان حوالي ??ان بيان ??ڻ جاري ڪيو آهي، جڏهن ته قانون واري وزير به تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ا??ان قطئي اهڙو ڪو عمل نه ڪنداسين جيڪو آئين ۽ قانون خلاف هجي. هن چيو ته ا??ان جي حڪومتي نظام ۾ ڪو به خال نه آهي، موجوده نگران حڪومت آئين تحت قائم ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو جواب آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هڪ سوال تي سڌ سماءَ واري نگران ??فاقي وزير چيو ته ا??ان آئيني عهدي جي عزت ۽ احترام کي نظر ۾ رکيو آهي.ا??ان مفروضن تي نه ڳالهائينداسين، صدر مملڪت جي عملي جي حوالي ??ان ڪو تبصرو نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ نه ئي کين ڪو مشورو ڏئي سگهون ٿا، هي ا??ان جو اختيار نه آهي.