اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ?? قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ?? ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ?? قمر زمان ڪائره وزيراعظم کي 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينارز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي س??ارتخانن ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.