اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ پاڪستان?? سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي سخت مذمت ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڊينمارڪ جي عملدارن مان اميد آهي ته اهي نفرت ۽ اشتعال انگيزي جي اهڙين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندا. بيان موجب اه??ي قسم جي ڪڌين ڪاررواين جو مقصد سڄي دن??ا جي 2 ارب مسلمانن جي توهين ڪرڻ ۽ برادرين، ثقافتن ۽ ملڪن جي وچ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اهي ڪارروايون ڪنهن به تعريف موجب اظهار جي آزادي نه اظهار جي راءِ ۽ احتجاج جي بهاني مذهبي نفرت جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي اجازت کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته مسلمانن جي خلاف تقريرون ۽ اشتعال انگيز ڪارروايون جاري رهڻ غيرذميواراڻي ۽ غلط آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سدائين ان ڳا??هه کي برقرار رکيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي ذميواري سان ٿيندي آهي اها قومي حڪومتن، علائقائي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اهي اسلامو فوبيا ۽ مذهبي نفرت جي ڪڌن ڪمن جو آواز، مذمت ۽ فعال طور تي روڪي، جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران زور ڏنو ويو آهي. لاڳاپيل ملڪن کي مذهبي نفرت جي اهڙين ڪاررواين جو ازالو، روڪڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. بيان موجب عالمي برادري کي اسلامو فوب??ا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب پاڪستان پنهنجي پاران عالمي سطح تي اسلامو فوب??ا جو سوال اٿاريندو رهندو. اهو مسئلو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پنهنجي هم منصبن ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري سميت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفون تي ڳا??هه ٻو??هه جو اهم نقطو هو. بيان موجب جده ۾ او آءِ سي جي هيڊڪوارٽرز ۽ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ اسلامو فوب??ا جي ان بار بار ٿيندڙ ڪاررواين بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.