اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو م??نيجنگ ڊائري??ٽر محمد عاصم کچي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سا??س والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪل?? اسلام آباد جو سيڪريٽري راجا خليل، سينيئر صحافي نوابزاده خورشيد، راڻا عمران لطيف، شڪيل احمد عباسي، ينگ ميڊيا ورڪنگ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري انفارميشن نوابزاده شاهه علي پڻ موجود هو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته والدين جو ڪوبه نعم البدل نه آهي، الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.