جنيوا-13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي اولهه تي الزام لڳايو آه?? ته اهي مذهبي نفرت کي روڪڻ جي پنهنجي عزم ۾ رڳو بيان بازيءَ جو ڪم ڪري رهيا آه??. جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي خليل هاشمي 47 رڪني ڪائونسل جي اج??اس بعد چيو ته اج??اس ۾ ٺهراءَ جي مخالفت انهن ملڪن طرفان ڪئي وئي جيڪي قرآن پاڪ يا ڪنهن ٻئي مذهبي ڪتاب جي سرِعام بي حرمتي ڪرڻ تي راضي ناهن. آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيه ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو آه?? ته کين انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ بابت ٺهراءَ ۾ پيش ڪيل نڪته نظر سان اختلاف آه??. او آءِ سي طرفان ردِعمل جو اظهار ڪندي پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو ته ان ٺهراءَ جي مخالفت ڪندڙن وٽ سياسي، قانوني ۽ اخلاقي ??رئت ج?? کوٽ آه?? ۽ ڪائونسل کي انهن مان اهڙي ئي رويي جي اُميد هئي. هن چيو ته ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏيندڙ ملڪ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو آه?? ته مذهبي نفرت کي روڪڻ لاءِ سندن عزم رڳو بيان بازيءَ تائين محدود آه??، جن ملڪن ٺهرائن جي حق ۾ ووٽ ڏنو انهن ۾ الجيريا، ارجنٽائن، بنگلاديش، بوليويا، ڪيمرون، چين، آئيوري ڪوسٽ، ڪيوبا، اريٽيريا، گبون، گيمبيا، ڀارت، قازخستان، ڪرغزستان، ملاوي، ملائيشيا، مالديپ، مراڪش، پاڪستان ۽ قطر شامل آه??. سينيگال، صوماليه، ڏکڻ آفريقا، سوڊان، يوڪرين، گڏيل عرب امارت، ازبڪستان ۽ ويٽنام پڻ شامل آه??. جڏهن ته بيلجيم، ڪوسٽاريڪا، جمهوريه چيڪ، فن لينڊ، فرانس، جرمني، لٿوانيا، لگزمبرگ، مونٽي نيگرو، رومانيه، برطانيه ۽ آمريڪا قرارداد خلاف ووٽ ڏنا. قرارداد جي حوالي سان اولهه جي ملڪن جون بدگمانيون سامهون رکندي پاڪستاني سفير چيو ته اهي قدم اظهار جي آزاديءَ جي حق کي گهٽائڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. ان جو مقصد خاص فرضن ۽ ذميدارين سان گڏ ان حق جي استعمال وچ ۾ هڪ محتاط توازن قائم ڪرڻو آه??. هن چيو ته مونکي افسوس آه?? ته ڪجهه رياستن مذهبي نفرت ج?? لعنت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذميدارين کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آه??. هن وڌيڪ چيو ته ٺهراءَ جو متن متوازن، موضوعاتي ۽ حل تي ٻَڌل هو. ٺهراءَ جي متن کي ڪنهن به ملڪ کي نشانو نه بڻايو ويو هو پر ان جو مقصد مذهبي مقدس شين جي توهين جي روڪٿام جي عدم موجودگي، قانوني روڪٿام ۽ ڄاڻي واڻي توڙي انساني حقن جي نظام جي اثرن بابت مسئلن کي حل ڪرڻ آه??.