اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون، اسان پاڪستا?? جي معاشي ترقي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت سان مڪمل جانفشاني ۽ قلب ۽ روح سان ان مرحلي جي تڪميل لاءِ هر ممڪن تعاو?? جي خاطري ڪرايون ٿا. هو گرين پاڪستان انيشيٽو پاڪستان تحت غذائي تحفظ بابت رٿيل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ان تقريب جو خاص مهمان هو. جڏهن ته سيمينار ۾ وفاقي وزيرن، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، چئني صوب?? جي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهرن، اعليٰ عسڪري آفيسرن ۽ سڄي ملڪ مان آبادگار?? جي وڏي انگ کان علاوه بين الاقوامي مهمانن، برطانيه، اٽلي، اسپين، چين، بحرين، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ سفارتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان سڀ هتي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز بنائڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون، پاڪستان کي ??لل?? وڏين نعمتن سان نوازيو آهي، اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون. هن چيو ته ??لل?? جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ، ??لل?? جي رحمت مان صرف ڪافر مايوس ٿيندا آهن. مسلمانن لاءِ ٻه ئي حالتون آهن جڏهن مصيبت اچي ته صبر ڪري ٿو، جڏهن خوشي ملي ته شڪر ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ترقيءَ کان نٿي روڪي سگهي، ا??شا??َ ??لل?? اسان وٽ هر طرح جي صلاحيت موجود آهي جيڪو پاڪستا?? جي عروج تي وٺي وڃي سگهي ٿو. مسلمان لاءِ نااُميدي ڪفر آهي.