پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات اسان جي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جي روح جي عين موجب هئي، گهڻ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ??ند?? اسان سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، اسان سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، اهو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ تبديلي جو منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته هن چين پاران پاڪستان جي لاءِ سفارتي ۽ اقتصادي حمايت جاري رکڻ خاص طور تي ڀارت جي غ??رقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گروپ – 20 سياحتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي موقعي تي چين جي اصولي موقف تي وزيراعظم لي چيانگ جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي.