اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تفصيل سا?? ڀيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع کان وٺي 2018ع تائين جي مدي ۾ آءِ ايم ايف سا?? پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻايو ۽ دانشمنداڻين پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي وئ?? جڏهن ته گذريل ساڍن چئن سا??ن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري 47 هين نمبر تي پهچي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مجموعي قومي پيداوار کي 2013ع ۾ 3.9 سيڪڙو مان وڌائي 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏيو. انهي مدي ۾ مجموعي طور تي جي ڊي پي ۾ ٻه سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي شروعاتي ٻن سا??ن ۾ جي ڊي پي جي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي ۽ آخري سا?? ۾ بيس (base) سا?? کي تبديل ڪري جي ڊي پي کي 6 سيڪڙو ڏيکاريو ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بلحاظ ڳاڻيٽو جي ڊي پي ۾ 97.9 سيڪڙو جي واڌي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 18.7 سيڪڙو جي واڌ ڏيکاري وئ?? آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ في ڪس آمدني 1446 ڊا??ر هئي جيڪا 2018ع ۾ 1768 ڊا??ر ٿي وئ??، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٻه سيڪڙو جي گهٽتائي آئي، 2018ع ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 4 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 12.2 سيڪڙو تي پهچي ويو، 2018ع ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 13.4 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئ??. 2018ع ۾ بنيادي ناڻي واڌ 5.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 8.1 سيڪڙو ٿي وئ??، 2018ع ۾ امپورٽ جو ڳاڻيٽو 55.7 ارب ڊا??ر هو جيڪو 2022ع ۾ 71.5 ارب ڊا??ر ٿي ويو، جي ڊي پي جي شرح سا?? امپورٽ جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 15.6 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 19 سيڪڙو تائين پهچي ويو. 2018ع ۾ مٽ??سٽ?? جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.4 ارب ڊا??ر هو جيڪو مالي سا?? 2022ع ۾ 15.5 ارب ڊا??ر هو. قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 24953 ارب هو جيڪو 2022ع ۾ 49242 ارب روپيا ٿي ويو، پرڏيهي قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 70.2 ارب ڊا??ر هو جيڪو 2022ع ۾ 88.8 ارب ڊا??ر ٿي ويو.