اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽي جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو، جيڪو صحافي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿ?? وڃي اهو صحافي جي حق?? جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. اها ڳالهه هن برطانوي صحافي سڪندر ڪرماڻي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو اسا?? جي حڪومت ۾ گم ٿيو هجي، ان کي گولي هنئي وئي هجي، اغوا ڪيو ويو هجي يا ان جون پاسراٽيون ٽوڙيون ويون هجن. صحافي جي سوال تي هن چيو ته عمران رياض صحافي نه، سياسي پارٽي جو ترجمان آهي، جيڪو صحافي سياسي پارٽي?? جي ترجماني ڪري يا تشدد ??ي هوا ڏي ته ان کي انهن صحايفن سان نه ملايو وڃي جيڪي صحافت جي آزادي تي يقين رکن ٿا. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ا?? جي دور ۾ ??ال??ي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن ته شهباز شريف جي دور ۾ پاڪستا?? جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي، عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو، انهن جو آواز بند ڪيو، انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، ٽي وي چينلز بند ڪيا جڏهن ته اسا?? جي دور ۾ سمورا ٽي وي چنلز هلي رهيا آهن، هر اينڪر کي ڳالهه ڪرڻ جي آزادي آهي، ڪنه?? جي آواز کي ناهي دٻايو ويو، ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جنهن جو آواز دٻايو ويو هجي؟ مريم اورنگزيب چيو ته ڪو به شخص گم ٿيو هجي ته اسان ا?? جي مذمت ڪئي آهي. عمران رياض جي خلاف عدالتن ۾ ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي فروغ جي ڪري ئي ميديا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستا?? جي درجابندي ۾ بهتري ٿي آهي.