اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي ??ي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سوسنگ پئيو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ?? واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ?? تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا ??هن. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي مختلف شعبن ۾ تربيت يافته انساني وسيلا فر??هم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ڏکڻ ڪوريا سان اعليٰ سطح جي رابطن سميت ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.