اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عار?? علوي وڻڪاري مهم تي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن، عورتن کي تعليم يافته، هنرمند ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم گهرج آهي، عورتن کي تعليم ۽ صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ عورتن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون باصلاحيت آهن ۽ انهن کي موقعا ملڻ تي آرٽ سميت مختلف شعبن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. خاتون اول چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مردن ??ان گڏوگڏ عورتن کي به موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو ته فلورل آرٽ هڪ شوق ئي نه پر ذهني صحت جي لاءِ به ضروري آهي، ساوڪ ??ان توهان تازگي جو احساس حاصل ڪريو ٿا ۽ اها ب?? چيني ۽ پريشاني کي ختم ڪري ٿي. بيگم ثمينه عار?? علو?? چيو ته ساوڪ ??ان ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ان جي ماحول تي مثبت اثر پون ٿا. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ساوڪ کي فروغ ڏين ڇو ته ان ??ان ماحول کي متوازن رکڻ ۾ مدد ملي ٿي، پاڪستان جي شهرن ۾ ساوڪ گهٽ آهي ۽ ان قدم ??ان پاڪستان جي خوبصورتي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ ۾ مدد ملندي. خاتون اول وڻڪاري مهم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم لازي آهن، پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ عورتن ۽ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آئون به فلورل آرٽ جي ميمبر آهيان، عورتون پنهنجي ڪوششن ??ان مهارت ۽ تخليق فن کي وڌائي سگهن ٿيون جڏهن ته باغباني کي فروغ ڏيڻ گهرجي. بيگم ثمينه عار?? علوي نمائش ۾ رکيل فلورل آرٽ جا نمونا پڻ ڏٺا ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.