اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اي پي اين ايس ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ سدائين مثبت ڪر??ار ادا ڪيو آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهدي??ار ميڊيا انڊسٽري جي فروغ جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪر??ار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم ناز آفرين سهگل لاکاڻي کي اي پي اين ايس جو بنا مقابلي صدر، سرمد علي کي سيڪريٽري جنرل، امتنان شاهد ۽ محمد اسلم قاضي کي نائب صدر ۽ ايس ايم منير جيلاني کي جوائنٽ سيڪريٽري، شهاب زبيري کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته اي پي اين ايس ملڪ ۾ صحافت جي فروغ ۾ ??هم ڪر??ار ادا ڪيو آهي، ميڊيا انڊسٽري جي ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل عهديدارن کي هر ممڪن تعاون فر??هم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اي پي اين ايس ميڊيا صنعت جو ??هم ٿنڀ آهي، اميد آهي ته نوان چونڊيل عهدي??ار ميڊيا انڊسٽري جي فروغ جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪر??ار ادا ڪنداسين.