اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪ??مي?? مسئلي جو پائيدار حل اڻٽر آهي، هٿين خالي ڪ??مي??ين خلاف طاقت جو استعمال نه ته انهن جي آزادي جي تحريڪ کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي پاڪستان جي اصولي موقف ??ي بدلائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪ??مي?? سان ايڪتا جي ڏه??ڙي جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته ڀارت جو غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪ??مي?? جي معصوم ڪ??مي??ين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي، هن چيو ته ڀارت جي هٿ ٺوڪي جمهوري حڪومت طرفان آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي ڪ??مي??ي عوام کي انهن جي سڃاڻپ ۽ آزادي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عالمي سطح تي ڪ??مي??ين سان ڪيل واعدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل آرٽيڪل جو خاتمو حڪومت جي بي رحماڻي ۽ تعصباڻي پاليسين جي عڪاسي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪ??مي??ي عوام جي آزادي جي جدوجهد جي اصولي موقف جي حمايت ڪندو رهندو ۽ پاڪستان سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪ??مي??ين جي خودمختياري واري جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته پاڪستان والاريل وادي ۾ ڪ??مي??ي عوام جي خود اراديت واري تحريڪ جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ?? هر فورم تي ڀارتي فوج طرفان ڪشمرين جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندو.