اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثب??ت آهي، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه جو عڪاس آهي، ڪي ٿري منصوبو پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اه??ن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين ليوجينگ ۽ پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پنگ چن شوئي جي قيادت ۾ آيل وف?? سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وف??قي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وف??قي وزير احسن اقبال، بجلي وارو وف??قي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، ??اص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه، جهازيب خان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثب??ت آهي. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جو عڪاس آهي، اهو پاور پلانٽ نه رڳو پاڪستان جي وڌندڙ بجلي جون ضرورتون پوريون ڪندو پر گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪندو ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چين پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان حوالي سان جلد وف??ن جي سطح تي ملاقاتن جي شروعات ڪئي ويندي جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.