اسلام آب??د – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي و??ير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪارروائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزي?? علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.