اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني قومي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته نومبر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نومبر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي ٺاهڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهول?? فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد چيما، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پروفيسر فتح محمد ملڪ، پروفي??ر ڊاڪٽر خواجه محمد ذڪريا، پروفي??ر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پروفي??ر ڊاڪٽر محمد ايوب صابر، ڊاڪٽر اسلم انصاري، ڊاڪٽر احسان اڪبر، پروفي??ر ڊاڪٽر تحسين فراتي، ڊاڪٽر اڪبر احمد، ڊاڪٽر طالب حسين سيال، خرم علي شفيق، ڊاڪٽر ابصار احمد، ڊاڪٽر مقصود جعفري، ڊاڪٽر عب??ال??ئوف رفيق، پروفي??ر ڊاڪٽر عباد علي، ڊاڪٽر بادشاهه منير بخاري، ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد اڪرم چغتائي، ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پروفي??ر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آهن.