??سل??م آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر طريقي سان مقا??لو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلم کي ??ڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ??نيا کي ??صل صورتحال کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميرين جي خراب حالت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت جي لاءِ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ تصويرن جي نمائش کي ??طاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪشم??ري عوام اڄ سياهه ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، هي ڏينهن هر سال ڀارت جي والاريل واديءَ ۾ غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشم??ري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته نمائش جو بنيادي مقصد ان ڏينهن جي اهميت کي ??جاگر ڪرڻ کانسواءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي مسئلي بابت شاگردن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هن تصو??ري نمائش ۾ شاگردن جي اظهار ڪيل جذبن کي ??اراهيندي چيو ته شاگردن پنهنجي تصويرن ذريعي ڪشم??ري عوام جي ڏکن جي واضح عڪاسي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڀارتي پروپئگنڊه جو مقا??لو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلمن کي ??نيا ۾ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تصو??ري نمائش منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ڪوششن کي ??اراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري تصويرن جو مقا??لو کٽيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ۽ کين مبارڪُون ڏنيُون.