اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالديپ ۾ پاڪستا?? جي نامزد هاءِ ڪمشنر وائس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??در چيو ته نامزد سفير خاص طور تي مالديپ سان واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن، صحت، ??عليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، ??نساني وسيل?? جي ترقي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏي. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سياحت جي صنعت ۾ تعاو?? جي امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته مالديپ عالم?? معيار جي سياحتي جڳهه آهي ۽ پاڪستان ا?? جي مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مالديپ جي شاگردن کي مختلف تعليمي شعبن ۾ چٽاڀيٽي ۽ اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستا?? جي فاصلاتي تعليم ۽ هائبرڊ لرننگ ۽ تعليمي مهارت پيش ڪري سگهي ٿو. ??در عارف علوي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ موجود خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئون مقرر ٿيندڙ هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ او آءِ سي، سارڪ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ جي اندر تعاو?? جي فروغ لاءِ سمورا دستياب سفارتي طريقيڪار بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل?? جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪندو. ??در سفير کي مالديپ جي ??در ابراهيم محمد صالح کي پنهنجي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو.