اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيم?? رش سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽ ميمبر سان ٿيندڙ ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي?? جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حص?? پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جيڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته شروعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان?? جي نشاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير متاثر آبادي کي درپيش چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ وبائي بيماريون شا??ل آهن. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گرين هائوس جي اخراج جي لاءِ گهٽ کان گهٽ ذميوار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي ڪانگريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا پاڪستان سان تعاون جاري رکند??. آ??ريڪي سينيٽر پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پرڏيهي وزير سان همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغانستا?? جي ضرورت سميت علائقائي مسئلن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سينيٽر جيم?? رش کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.