گڏيل قومون – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهن، پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ سبب هيلٿ ڊيزاسٽر آهي، سرديءَ اچڻ واري آهي، ٻوڏ م??اثرين کي دوائون، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ چادرن وغيره جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٻوڏ م??اثرين جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي مرضي سان پاڻ اين ڊي ايم اي ۽ سول سوسائٽين جي ذريعي به مدد ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ ٻوڏ، موسمياتي تبديلي“ جي موضوع تي ٿيندڙ تصويري نمائش جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ م??اثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عورتون اميد سان آهن، هن وقت اتي ٻارن جي کير، ٻارن جي خوراڪ سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آهي. هن ??يو ته وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي ورڇ جي حو??لي سان هدايتون جاري ڪيون هيون. ان??ن علائقن ۾ متاثرين جي ضرورت موجب خيما ورهايا پيا وڃن. هن ??يو ته اين ڊي ايم اي روزاني جي بنياد تي عوام کي پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪري ٿي ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن جڳهه تي ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ م??اثرين جي لاءِ سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن. گذريل ڏينهن وزيراعظم ٻوڏ م??اثرين جي حو??لي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خبر پئي ته پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي گهٽتائي آهي. هن ??يو ته ٻوڏ جي ڪري پکڙجندڙ بيمارين ۽ ڊينگي جي ڪري پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي. ان??ن دوائن جي ڊيمانڊ وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ آهي. جڏهن ته پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي. هن ??يو ته وزيراعظم واضح طور تي هدايت ڪئي آهي ته ان??ن دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي ان??ن دوائن تي سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي اين جي اوز بند آهن ان??ن جي اسڪريننگ جو پراسيس گهرو وزارت شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ م??اثر علائقن ۾ هن وقت اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ??ي وزيراعظم به ساراهيو آهي. جڏهن ته عوامي سطح تي به ان??ن کي ساراهيو پيو وڃي. هن ??يو ته سڄي دنيا ۾ سول سوسائٽي جو هڪ ڪردار آهي، جڏهن حڪومتي ڪوششن ۾ اهو ڪردار شامل ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڊيزاسٽر کي منهن ??ئي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جو هن وقت ڌيان ٻوڏ م??اثر علائقن جي بح??لي تي آهي. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي حو??لي سان وزيراعظم عالمي سطح تي آواز اٿاريو آهي، جيڪو سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي.