اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف سان ميري ٽائيم افيئرز واري وفاقي وزير سيد فيصل سبزواري ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي وزارت پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي ل??ءِ 7 ڪروڙ جي رقم جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي ل??ءِ 7 ڪروڙ جي رقم جو امدادي چيڪ پيش ڪيو. پورٽ قاسم اٿارٽي پاران 5 ڪروڙ ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران 2 ڪروڙ رپين ??ي رقم وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ ??طي?? ڪئي وئي آهي.